پاڻ ساڙيندڙ سب انسپيڪٽر جي وارثن پاران جاچ ڪميٽي تي عدم اعتماد

ملير: هڪ هفتو اڳ پاڻ سان ٿيل زيادتين خلاف آءِ جي آفيس اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ سب انسپيڪٽر مظفر چانڊيو جي وارثن جو آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل ٽن رڪني جاچ ڪميٽي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو، ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود جوڙيل انڪوائري ڪميٽي سميت ڪوبه پوليس آفيسر تڏي تي لڙي نه آيو آهي، مظفر چانڊيو کي حراسان ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هڪ هفتو اڳ آءِ جي سنڌ آفيس اڳيان پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙيندڙ سب انسپيڪٽر مظفر چانڊيو جي پٽ سجاد علي چانڊيو، ڀائٽيو صفدر چانڊيو، سچوا جي مرڪزي سينئر وائس چيئرمين قاسم چانڊيو ۽ جاويد چانڊيو ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هنن چيو ته مظفر چانڊيو جيڪو ٽيلي ڪميونيڪيشن ڊپارٽمنٽ ۾ سب انسپيڪٽر هو، جنهن کي ڊي ايس پي اياز ڏنور، اڪائونٽنٽ گلزار خان، ريڊر عمران علي، هيڊ ڪانسٽيبل دريا خان حراسان ڪندا هئا، هن اعليٰ آفيسرن کي ڪيتريون ئي شڪايتون ڪيون پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو. مظفر چانڊيو آءِ جي آفيس آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ کان اڳ ٻه ڪلاڪ پهريان ٻه وائس ميسيج ڊي آءِ جي مظفر شيخ کي ڪيا ته مان تنگ ٿي ويو آهيان مون سان انصاف نٿو ٿئي، مان پاڻ کي باهه ڏئي آءِ جي آفيس آڏو ساڙيان ٿو. اهڙي وائس ميسيج باوجود ڊي آءِ جي مظفر شيخ ڪوبه نوٽيس نه ورتو ۽ مظفر چانڊيو بليڪ ميلنگ کان تنگ ٿي آخرڪار پنهنجو پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، هنن چيو ته آءِ جي سنڌ پاران اي آءِ جي عارف حنيف تي مشتمل ٽي رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ۽ ڊي آءِ جي طارق نواز شامل آهن پر ڪميٽي جي ميمبرن مان ڪنهن به اسان سان رابطو نه ڪيو آهي، وارثن چيو ته مظفر چانڊيو جي قتل جي ذميوارن ڊي ايس پي اياز ڏنور سميت چئن اهلڪارن خلاف ميٺادر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ وياسين جتي ٽن ڪلاڪن تائين انتظار ڪرائڻ کانپوءِ به اسان جو ڪيس داخل ته نه ڪيو ويو پر درخواست به وصول نه ڪئي وئي، وارثن وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته مظفر چانڊيو کي حراسان ڪندڙ ڊي ايس پي سميت چئن اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري فوري طور گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سچوا پاران سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔