اين اي 249: اليڪشن قانونن جي ڀڃڪڙين جا 143 واقعا ٿيا: فافن رپورٽ

اسلام آباد: فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته اين اي 249 ڪراچي جي ضمني اليڪشن ۾ چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙين جا 143 واقعا ٿيا. فافن مطابق، چونڊ قانون جون 58 خلاف ورزيون ووٽ وجهڻ ۽ ڳڻپ سان لاڳاپيل هيون. فافن جي مطابق 11 واقعن ۾ ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪيو ويو ۽ واپس موڪليو ويو ، رپورٽ ۾ چيو ويو ته تقريباً 40 سيڪڙو ماڻهو ووٽنگ جي عمل مان جزوي طور تي مطمئن هئا ، جڏهن ته تقريبن 60 سيڪڙو مڪمل طور تي مطمئن هئا. فافن ٻه واقعا اهڙا به رڪارڊ ڪيا جن ۾ اڻ لاڳاپيل ماڻهو ووٽ ڪاسٽنگ بوٿ جي ڳجهي اسڪرين تائين رسائي حاصل ڪندا رهيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رمضان ۽ گرم موسم جي ڪري رجسٽرڊ ووٽرن جي ٽرن آئوٽ 21.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته 2018 ۾ 40 سيڪڙو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔