ڪراچي ۾ عام موڪل جي باوجود واپاري سرگرميون جاري

ڪراچي: پهرين مئي تي عام موڪل جي باوجود ڪراچي ۾ واپاري مرڪز کليل آهن.

ان حوالي سان ڪراچي واپاري اتحاد جي چيئرمين عتيق مير چيو اهي ته پهرين مئي تي ڪراچي جا 20 کان وڌيڪ واپاري مرڪز کليل آهن.

پهرين مئي تي عام موڪل جي باوجود واپاري مرڪزن کي بند نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪي 3 لاڳيتين موڪلن کان بچڻ ۽ عوام کي عيد جي شاپنگ ۾ سهوليت ڏيڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي.

عتيق مير موجب ڪلفٽن،صدر، موبائل مارڪيٽ، طارق روڊ، بهادر آباد، لياقت آباد ۽ حيدري سميت ٻيا واپاري مرڪز کليل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔