ملير مان چونڊيل نمائندا بحريه ٽائون انتظاميه جي متاثر ڳوٺاڻن وٽ پهچي ويا

ملير : بحريا ٽائون جي انتظاميا پاران ڳوٺن تي چڙهائين ۽ ڳوٺاڻن جي احتجاجن کانپوءِ ملير جا چونڊيل نمائندا ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو، ايم پي اي سليم بلوچ، ايم پي اي راجا عبدالرزاق بلوچ، اڳوڻو وفاقي وزير عبدالحڪيم بلوچ، پي ٽي آءِ اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي متاثر ڳوٺاڻن وٽ پهچي هادي بخش گبول ڳوٺ، درياهه خان گبول ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي چونڊيل نمائندن ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوام جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي، پيپلز پارٽي سنڌ جي ماڻهن کي سدائين گهر ۽ روزگار ڏنو آهي، هنن چيو ته بحريا ٽائون انتظاميا پاران قديمي ڳوٺن ۽ زمينن تي چڙهايون جاري آهن، جنهن خلاف ڳوٺاڻن جا احتجاج جاري آهن، هنن چيو ته بحريا ٽائون جي زيادتين خلاف پيپلز پارٽي جي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آڏو ڳوٺاڻن جو موقف رکنداسين، اسان سدائين پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيٺا آهيون ۽ هاڻي به ڳوٺاڻن جي مسئلن جي حل لاءِ پارٽي قيادت آڏو چٽو موقف رکنداسين، هنن چيو ته اسان جي لاءِ ايم پي اي يا ايم اين اي جي سيٽ ايتري اهميت نٿي رکي جو اسان پنهنجي ماڻهن جو ساٿ نه ڏيون، اسان سدائين پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيهنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔