پنهنجي بيانن تي قائم آهيان، ڪنهن به فورم تي جواب ڏيندس: اڳوڻو ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ

هالا : اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ چيو آهي ته آئون پنهنجي بيانن تي قائم آهيان، عدالتي ڪميشن يا پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي ته اُنهن جي اڳيان به پيش ٿيندس. ٽائيم نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران بشير ميمڻ چيو ته شهزاد اڪبر جي نوٽيس تي عدالت ۾ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، نوٽيس ۾ حڪومتي ماڻهن پاڻ مڃيو آهي ته شريف ڪٽنب خلاف جيڪو ڪم توهان نه ڪيو، اُهو نيب کان ڪرائي رهيا آهيون، اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن جي ونگار وهان ٿو يا نه، انٽرويو کانپوءِ حڪومت منهنجي ملڪيتن ۽ ڪاروبار جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، آئون خانداني زميندار آهيان. اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ چيو آهي ته انٽرويوز ۾ ڏنل پنهجن بيانن تي قائم آهيان، عدالتي ڪميشن يا پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي ته اُنهن جي اڳيان به پيش ٿيندس، شريف ڪٽنب خلاف ڪارروائي کان انڪار ڪرڻ تي مختلف طريقن سان پريشان ڪيو ويندو هو، مُدو پورو ٿيڻ کان اڳ نوڪري ختم ڪرڻ جو ڪارڻ وزيراعظم ۽ڪجهه وفاقي وزير آهن، اعتزاز احسن جي عزت ڪريان ٿو، سندس بيان تي ردعمل نه ڏيندس. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ملاقات دوران شريف فيملي تي ملڪ دشمني سميت ٻيا ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ چيو انڪار تي مختلف طريقن سان پريشان ڪيو ويندو هو، هن چيو ته سياست ۾ منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي جيڪو پي ڊي ايم جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهيو هو، پي ڊي ايم، پي ٽي آء جي حمايتي جماعت آهي. آئون اليڪشن ۾ بيهندس ته ڪنهن کان نه پڇندس مونکي قانون جي خبرآهي. هن چيو ته پي ٽي آء کي اندرون سنڌ ۾ ڪير ٿو سڃاڻي، ان جي ٽڪيٽ ڪير تور تي به نه وٺندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔