مڪمل لاڪ ڊائون کان بچڻو آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو: وڏو وزير

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون کان بچڻو آهي ته ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرڻو پوندو،

ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير عذرا پيچوهو، سعيد غني، ناصر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي،

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 22 کان 28 اپريل تائين صوبي ۾ ڪورونا مثبت ڪيسز 10،75 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 20، سکر ۾ 9.40 ۽ ٻين ضلعن ۾ 2.79 سيڪڙو آهي، ان تي وڏي وزير چيو ته هي صورتحال سٺي نه آهي ۽ هن تي سخت قدم کڻڻا پوندا، ڪاروبار جو وقت صبح 6 کان شام 5 تائين يقيني بڻايو وڃي،

وڏي وزير ڪاروبار جي وقت واري مامري تي ناصر شاهه، سعيد غني ۽ اويس شاهه تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، ڪميٽي واپارين ۽ ٽرانسپورٽرز کي اعتماد سخت قدم کڻندي،

وڏي وزير انٽر سٽي بس ٽرانسپورٽ تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٻين صوبن کان به پبلڪ ٽرانسپورٽ جو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ تي منع آهي، جيڪڏهن ڪنهن صوبي مان مسافر گاڏي اچي به وڃي ته واپس وڃڻ ڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔