علي زيدي نتيجن کان اڳ ئي ڪاميابي جي مبارڪ ڏئي ڇڏي

ڪراچي : وفاقي وزير علي زيدي اين اي 249 جي ننڍي چونڊ جا نتيجا اچڻ کان اڳ ئي پي ٽي آءِ اڳواڻن کي ڪاميابي جي مبارڪ به ڏئي ڇڏي، وائرل ٿيل آڊيو ۾ علي زيدي چئي رهيو آهي ته اين اي 249 اليڪشن کٽڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويا آهيون، سمورا ڪارڪن پر امن رهن، ڪنهن سان به جهيڙو نه ڪن. ٻئي پاسي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اين اي 249 جي چونڊ بابت سروي ٻڌائين ٿا ته پي ٽي آءِ کي سرسي حاصل آهي، اڄوڪو ڏينهن پي ٽي آءِ جو ڏينهن هوندو، اسد عمر چيو ته ارب پتي اُميدوارن ۽ وڏن نالن وارن سيساتدانن جو عمران خان جي نوجوان نظرياتي ڪارڪن امجد آفريدي سان مقابلو آهي، هِي مقابلو اُميدوارن ۾ نه، پر مختلف سوچ ۾ آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔