ڀارتي جوڙي عروسي ڪپڙن جي جڳهه ڪورونا کان بچاءُ جي ڪٽ پهري شادي ڪري ورتي

نئين دهلي: عالمي وبا ڪورونا وائرس جتي سڄي دنيا جي ماڻهن کي ماسڪ پائڻ تي مجبور ڪيو اتي ئي هاڻ هن وبا ڪنوار ۽ گهوٽ کي شادي جا ڪپڙا پائڻ جي جڳهه حفاظتي ڪٽ پائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.هن وقت سوشل ميڊيا تي ڀارت جي شهر رٽلام ۾ ٿيندڙ هڪ انوکي شادي جا چرچا آهن ڇو ته هن شادي ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ عروسي ڪپڙن جي ابتڙ پي پي اي ڪٽ پهري شادي جون رسمون ادا ڪيون. ڀارتي شهري انجنيئر آڪاش ورما جي شادي سنجنا ورما سان 26 اپريل تي طئي ٿي. پر هن شادي کي جنهن شيءَ منفرد بنايو اها 19 اپريل تي آڪاش ورما جي سامهون ايندڙ ڪورونا ٽيسٽ جي هاڪاري رپورٽ هئي.شهرين انتظاميه کي ٻڌايو ته ڪورونا هاڪاري ڇوڪري جي شادي ٿي رهي آهي جنهن تي ٽيم موقعي تي پهچي معاملي تي اعتراض ڪيو ان کان پوءِ گهر ڀاتين اختيارين کي التجا ڪئي ته هو شادي کي نه روڪين. جنهن کان پوءِ هنن اعليٰ عهديدارن سان ڳالهيون ڪيون ۽ هي شادي پي پي اي ڪٽ ۾ ڪرائي وئي.شادي کان پوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار جو چوڻ هو ته هنن جو واحد مقصد بزرگن جي خواهشن کي پورو ڪرڻ ۽ حڪومت جي هدايت تي عمل ڪرڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔