حڪومت ڳورهاري عورتن کي ڪورونا ويڪسين نه لڳائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ڳورهاري عورتن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ کان روڪڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. حڪومت طرفان جاري ڪيل گائيڊ لائنز ۾ سائنو فارم، ڪين سائنوبائيو، سائنوويڪ ۽ اسپوٽنگ ويڪسين بابت هدايتون ڏنيون ويون آهن. گائيڊ لائنز ۾ چيو ويو آهي ته سائنو ويڪ جا ڳورهاري عورتن تي محدود ٽيست ڪياو يا آهن ان ڪري ان کي ڳورهاري عورتن کي لڳائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.جڏهن ته فائنوفارم جي ڳورهاري عورتن تي تجربا ناهن ڪيا ويا ان ڪري اها عورتن جي لاءِ ڪيتري محفوظ آهي ان جو ڊيٽا موجود نه آهي. گائيڊ لائنز ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪين سائنو بائيو ويڪسين جي ڳورهاري ۽ ٻارن کي کير پياريندڙ عورتن تي تجربا ناهن ڪيا ويا ان لاءِ ان جو ڳورهاري ۽ ٻارن کي کير پياريندڙ عورتن بابت سيفٽي جو ڊيٽا موجود نه آهي.گائيڊ لائنز موجب اپسوٽنگ ويڪسين جي ڳورهاري عورتن تي محدود ٽيسٽ ڪيا ويا آهن ان ڪري اها ويڪسين نه لڳرائي وڃي. ان حوالي سان صحت واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪورونا ويڪسين جي ڳورهاري عورتن تي ٽرائل ٽيسٽ جو واضح ڊيٽا موجود نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔