سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي جي 53 ملازمن کي فوري فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي جي 53 ملازمن کي فوري فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڊي جي ايف آءِ اي واجد ضياء کان 15 ڏينهن ۾ عملدرآمد رپورٽ طلب، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته پبلڪ سروس ڪميشن ٽيسٽ ۽ انٽرويو بنا ڀرتي ڪيل سمورن ملازمن کي فارغ ڪيو وڃي، کاتي ۾ ڀرتيون عدالتي حڪم پٽاندڙ ڪميشن ٽيسٽ ذريعي ڪيون وڃن، ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ايف آءِ اي جي رپورٽ اڇو چٺو پڌرو ڪري ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ جا فيصلا سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اثرانداز نٿا ٿي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔