پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ اضافي بعد آڪسيجن جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو

اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ اضافي بعد آڪسيجن جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو، حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جو بند پيل آڪسيجن پلانٽ هلائڻ جو فيصلو، ماهر اڄ پلانٽ جو جائزو وٺندا،

وفاقي حڪومت طرفان پلانٽ جي بحالي لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي تڪڙا قدم کڻڻ جِي هدايت ڪئي وئي آھي،

ٻئي پاسي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ۾ شدت باوجود ملڪ ۾ اَي ليول جا امتحان شروع ٿي ويا، وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته برٽس ڪائونسل ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه ماڻهو امتحاني هالز جون جعلي تصويرون رکي سستي شهرت چاهين ٿا، اهڙن ماڻهن کي شاگردن سان ڪابه دلچسپي ناهي، ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان مئي جي ٽئين يا آخري هفتي ۾ ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔