سنڌ ۾ سرڪاري آفيسون ، تعليمي ادارا ۽ انٽر سٽي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا کي روڪڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا .

 وزيراعليٰ سنڌ جي صدارت هيٺ صوبائي ڪورونا وائرس ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سرڪاري آفيسون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سيڪريٽريز پنهنججي ضروري اسٽاف کي آفيسن ۾ گهرائين ۽ باقي سڄو اسٽاف گهر کان پنهنجو ڪم ڪندو.

ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پنهنجي ٽوئٽر تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال نهايت ڳڻتي جوڳي آهي ، جيڪڏهن اسان ذميواري جو مظاهرو نه ڪنداسين ته حڪومت وٽ سخت ايڪشن کڻڻ کان سواءِ ڪو چارو نه هوندو.

مرتضيٰ وهاب چيو ته سڄي سنڌ ۾ 29 اپريل تي انٽر سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ کي بند ڪيو ويندو.

سنڌ حڪومت جي ترجمان جو چوڻ هو ته صوبي ۾ سڀئي ڪاليجون ، اسڪول ۽ يونيورسٽيون ڪورونا جي تيزي سان پکڙجندڙ لهر جي ڪري بند رهندا ، جڏهن ته آفيسز ۾ 20 سيڪڙو ضروري عملي کي گهرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔