جڏهن پنهنجي مٿان اچين ٿِي ته ٽي ايل پي سان ڳالهين لاءِ پهچي وڃن ٿا: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: جڏهن پنهنجي مٿان اچين ٿِي ته ٽي ايل پي سان ڳالهين لاءِ پهچي وڃن ٿا پر حراستي مرڪزن بابت بار بار رپورٽس طلب ڪري رهيا آهيون پر ڪنهن جَي ڪن تي جونَ به نٿي سُري، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گم ٿيل شهرين بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا ويا، عدالت حراستي مرڪزن بابت رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي وفاقي حڪومت مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گهرو سيڪريٽري کي ٻيهر شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، 27 اپريل تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏنا ته سڄي ملڪ ۾ موجود حراستي مرڪزن توڙي اُتي قيد شهرين جا تفصيل پيش ڪيا وڃن، عدالت اسسٽنٽ اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪيترا حراستي ۾ مرڪز آهن؟ اسسٽنٽ اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڪي پي ۾ 8 حراستي ۾ مرڪز آهن،جيڪي صوبائي حڪومت جي ماتحت آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔