مريم نواز جي طبيعت ۾ سڌارو: سياسي سرگرمين جي شروعات ڪراچي واري دوري کان ڪندي

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز کي ان جي  ڊاڪٽرن سياسي سرگرميون شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جي طبيعت ۾ بهتري اچي وئي آهي ۽ کيس سندس ڊاڪٽرن سياسي سرگرميون شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. مريم نواز جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ذيشان ملڪ ٻڌايو آهي ته نائب صدر مسلم ليگ(ن) 24 اپريل تي 2 ڏينهن جي دوري تي ڪراچي ويندي ۽ 25 اپريل تي سنڌ جي ليگي اڳواڻن سان ملاقات ڪندي.

هو اين اي 249 ۾ ليگي اميدوار جي چونڊ جلسن جي حوالي سان بلديه ٽائون، چاندني چوڪ تي ڪارڪنن کي خطاب به ڪندي. جڏهن ته ڪراچي واري دوري جي موقعي تي هن جي اهم شخصيتن سان به ملاقاتون به شيڊول آهن.

واضح رهي ته مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جي گذريل مهيني طبيعت خراب ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ سندس ڊاڪٽرن کيس ڪورونا ٽيسٽ ڪرائن ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ کان منع ڪيو هو پر هو سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغامن ذريعي عوام سان مخاطب ٿيندي رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔