ڪراچي ۾ ڪرونا جي برطانوي قسم جا 50 سيڪڙو ڪيس رڪارڊ: صحت کاتي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته ملڪ جي ٻين صوبن کان پوءِ سنڌ ۾ به ڪورونا وائرس جي ” يو ڪي ويرينٽ“ جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو طرفان جاري اهم بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ آڏو آيل ڪورونا جي نون ڪيسن مان ا ڪيس ۾ ڪورنا جو نئون برطانوي قسم مليو آهي. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چوڻ هو ته جينوميڪ اسٽڊي جي تحت 50 سيڪڙو سيپملز۾ ” يوڪي ويرينٽ“ جي تصديق ٿي آهي. ڪورونا وائرس جو هي ويرينٽ ڏاڍي تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ۽ خطرناڪ به آهي. سنڌ جي صحت واري وزير جو چوڻ هو ته عيد جي ڪري شاپنگ ۽ ٻي خريداري دوران رش جي وقت ۾ وائرس جي تيزي سان پکڙجڻ جو خطرو آهي. ان ڪري عوام رش دوران احتياط سان ڪم وٺي ۽ ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪري. سنڌ جي صحت واري وزير وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي ويڪسين جي لاءِ مختص سينٽرز افطاري کان پوءِ کليل رهندا. 50 سالن کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو پاڻ کي 1166 تي رجسٽرڊ ڪرائي ويڪسين هڻائن جيئن وائرس کان محفوظ رهي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔