عمران خان مهانگائي ڪندڙن جي پٺ ڀرائي ڪري رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان مهانگائي ڪندڙ مافيا جي سرپرستي ڪري عوام دشمني ڪري رهيو آهي، رمضان پيڪيج ڪٿي نظر نه پيو اچي. جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گيهه، اٽي سميت ٻين ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ پي ٽي آءِ حڪومت جي نااهلي آهي، رمضان ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. هن چيو ته عمران خان جي نگراني جي اعلان کانپوءِ مهانگائي ۾ واڌ ڳڻتي جوڳي آهي، عمران خان جنهن رمضان پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، اهو ڪٿي به نظر نه پيو اچي، ڪيترين ئي بچت بازارن ۾ اوپن مارڪيٽ کان وڌيڪ مهانگيون شيون وڪرو ٿي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته عمران خان ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي مافيائن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ناڻي وارن وزيرن جي تبديلي سان عوام جي تڪليفن ۾ ڪا گهٽتائي نه ايندي، عوام کي رليف تڏهن ملندو، جڏهن مهانگائي جا ذميوار نااهل حڪمران گهر ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔