بجلي جي قيمت ۾ 61 پيسا في يونٽ گهٽتائي جا امڪان

اسلام آباد: بجلي جي قيمت ۾ 61 پيسا في يونٽ گهٽتائي جا امڪان آهن. بجلي صارفن جي لاءِ هڪ سٺي خبر آهي ته بجلي جي قيمت ۾ 61 پيسا في يونٽ گهٽتائي جو امڪان آهن، قيمت ۾ گهٽتائي مارچ جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪئي ويندي ۽ نيپرا 28 اپريل تي ٻڌڻي کان پوءِ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪندو. سينٽر پاور پرچيز اٿارٽي (سي پي پي اي) جو چوڻ آهي ته مارچ ۾ پاڻي سان 19.42 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، جڏهن ته انهيءَ مهيني ڪوئلي مان 30.50 سيڪڙو فرنس آئل مان 2.62 سيڪڙو، مقامي گيس کان 11.56 سيڪڙو، درآمدي ايل اين جي مان 21.11 سيڪڙو 7 ايٽمي ذريعن مان 10.49 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، ايٽي ذريعن سان پيدا ٿيندڙ بجلي جي قيمت 1 رپيو 2 پيسا في يونٽ رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔