جسٽس منيب اختر جسٽس قاضي فائز جي گهرواري کان معذرت ڪري ورتي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منيب اختر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسيٰ کان گذريل ڏينهن جي رويي تي معذرت ڪري ورتي.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس بابت نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جسٽس قاضي فائز گذريل ڏينهن پڇيل سوالن جا تحريري جواب جمع ڪرايا. ان موقعي تي جسٽس منيب اختر سرينا عيسيٰ کان گذريل ڏينهن جي رويي تي معذرت ڪئي. جسٽس منيب سرينا عيسيٰ کي مخاطب ٿيندي چيو ته گذريل ڏينهن سوالن سان توهان کي ڏُک پهتو، منهنجو مقصد توهان جي دل آزاري نه هو، منهنجي سوالن سان توهان کي ڏُک پهتو، جنهن تي معذرت ٿو ڪيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔