پاڪستان گڏيل قومن جي 3 اهم ادارن جي رڪنيت حاصل ڪري ورتي

اسلام آباد: پاڪستان گڏيل قومن جي ٽن ادارن جي رڪنيت حاصل ڪري ورتي. پرڏيهي کاتي طرفان جاري ٿيل بيان موجب پاڪستان هڪ ٻيو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي ۽ گڏيل قومن پاڪستان کي 3 ادارن جي رڪنيت ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان ڏوهن جي خاتمي، عورتن بابت ڪميشن ۽ پاپوليشن اينڊ ڊيولپمنٽ ڪميشن جي رڪنيت حاصل ڪئي آهي ۽ پاڪستان ٽنهي ڪميشنز جي رڪنيت پهرين جنوري 2022ع کان سنڀاليندو، ڪميشن مختلف معاشي ۽ معاشرتي معاملن تي عالمي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔