نيب جو چوڌري ڀائرن خلاف انڪوائريون بند ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو

لاهور: نيب حڪومتي اتحادين ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين، پنجاب اسيمبلي اسپيڪر پرويز الاهي ۽ سندن خاندان جي فردن خلاف انڪوائري بند ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو. نيب لاهور چوڌري شجاعت حسين، سندس پٽن سالڪ حسين ۽ چوڌري شافع حسين خلاف انڪوائري بند ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي. عدالت ۾ پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي، سندس گهرواري، پٽن مونس الاهي، راسخ الاهي ۽ ٻن عورتن خلاف انڪوائري بند ڪرڻ جو ريفرنس داخل ڪيو ويو. لاهور جي احتساب عدالت جي جج شيخ سجاد نيب طرفان ريفرنس بند ڪرڻ جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ دليل ڏنا ته نيب چوڌري شجاعت حسين ۽ سندس پٽن خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي انڪوائري ڪري رهيو هو، جاچ دوران چوڌري شجاعت ۽ سندس پٽن خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جون شاهديون وصول نه ٿيون، چوڌري ڀائرن خلاف 3 مختلف انڪوائريون نيب ۾ ٻڌڻي هيٺ هيون. هن ٻڌايو ته چوڌري شجاعت حسين تي وفاقي وزير طور آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام هو، جڏهن ته پرويز الاهي تي پنجاب اسيمبلي اسپيڪر طور وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ لوڪل گورنمينٽ منسٽر طور غير قانوني مقررين جو الزام هو. نيب لاهور اهي ٽئي انڪوائريون بند ڪرڻ لاءِ احتساب عدالت ۾ 3 ريفرنس داخل ڪيا آهن. احتساب عدالت نيب کي 24 اپريل تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔