کنڊ اسڪينڊل جي جاچ: نيب راولپنڊي ميان اسلم اقبال کي 4 مئي تي طلب ڪري ورتو

لاهور: کنڊ اسڪينڊل جي جاچ ۾ نيب راولپنڊي ميان اسلم اقبال ۽ سميع الله چوڌري کي 4 مئي تي طلب ڪري ورتو اهي.

ٻنهي صوبائي وزيرن کي نيب راولپنڊي جي آفيس طلب ڪيو ويو. ذريعن موجب نيب جي  گڏيل جاچ ٽيم ٻن حڪومتي  اسيمبلي ميمبرن کان جاچ ڪندي. ٻنهي اسيمبلي ميمبرن کي 2018 کان 2019 ۾ شوگر تي ڏنل سبسڊي جو رڪارڊ به آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ايڪسپورٽ جو اجازت نامو ڏيڻ جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پنجاب ۾ شوگرملن کي ڏنل سبسڊي جو رڪارڊ به گهري ورتو آهي. نيب شوگر اسڪينڊل جي جاچ مني لانڊرنگ ايڪٽ 2010 جي تحت ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔