شاعرِ مشرق ۽ مفڪر ِپاڪستان ڊاڪٽرعلاما محمد اقبال جي 83 هين ورسي

لاهور: شاعر مشرق علاما محمد اقبال جي اڄ 83 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، مفڪرِ پاڪستان علاما محمد اقبال 1930 ع ۾ الڳ وطن جو خواب ڏٺو هو ۽ پنهنجي شاعري وسيلي ننڍي کنڊ جي مسلم قوم ۾ بيداري جو نئون روح ڦوڪيو هو .

شاعر مشرق علاما محمد اقبال 9 نومبر 1877 تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو هو ، شروعاتي تعليم سيالڪوٽ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ مشن هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي ۽ مري ڪاليج سيالڪوٽ مان ايف اي جو امتحان پاس ڪيو.

هن گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان فلسفي ۾ ايم اي ڪئي، ايم اي ڪرڻ کانپوءِ هو اعليٰ تعليم لاءِ انگلستان ويو۽ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي ، ان کان پوءِ هو جرمني ويو جتان هن فلسفي ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي .

ڊاڪٽر علاما محمد اقبال شاعري سان گڏ وڪالت ڪئي ۽ ملڪ جي سياسي تحريڪن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو ، 1922 ع ۾ برطانيا جي حڪومت کيس سر جو لقب ڏنو.

ڊاڪٽر علاما اقبال وطن جي آزادي جو علمبردار هو ، هن پنهنجي شاعري وسيلي ننڍي کنڊ جي مسلم قوم ۾ بيداري جو نئون روح ڦوڪيو ۽ 1930 ۾ هڪ الڳ ملڪ جو خواب ڏٺو.

پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي ڊاڪٽر علاما محمد اقبال 21 اپريل 1938 لاڏاڻو ڪري ويو ۽ کيس لاهور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ڊاڪٽر علاما اقبال بانگ درا، ضربِ ڪليم، ارمغانِ حجاز ۽ بالِ جبريل جهڙا شاهڪار ڪتاب لکيا ، ان کان سواءِ ست فارسي شاعري جا ڪتاب ۽ انگريزي ۾ لکيل سندس ڪتاب سڄي دنيا ۾ علم جي اڃايلن جي تسڪين جو باعث آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔