قانون جي پوئيواري هرشهري تي لازم آهي، رياست جي اندر رياست جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي:فردوس عاشق اعواڻ

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قانون جي پاسداري هر شهري تي لازم آهي ۽ رياسيت جي اندر رياست جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته ڳالهين واري ٽيم جيڪي شيون ۽ پلان فائنل ڪيو آهي اهي عوام سان شيئر ڪيون وينديون، هن چيو آهي ته هي انتهائي حساس مامرو آهي، اسان مستقل حل جي لاءِ اڳتي وڌنداسين، معاهدي جون شقون ان جي علم ۾ آهن پر اعلان ان جو استحقاق ناهي، فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته قانون هٿ ۾ وٺڻ وارن جي خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو، جڏهن ته جٿن جي حملن ۾ ذاتي دفاع جي دوران جيڪڏهن ڪوئي واقعو ٿيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ٿيو آهي، ان ڪري نقصان جو ازالو ڪيو ويندو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔