هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري 52 سيڪڙو گهٽ رڪارڊ

ڪراچي : هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري 52 سيڪڙو گهٽ ٿي وئي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي رپورٽ موجب 9 مهينن ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ مان 26 ڪروڙ ڊالر خارج ٿيا، جڏهن ته ان دوران سڌي ريت ٻاهرين سيڙپڪاري جي شرح گذريل سال کان 35 سيڪڙو گهٽ رهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 9 مهينن دوران ٻاهرين سيڙپڪاري ۾ 52 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔