پ پ ۽(ن) ليگ جي وچ ۾ اين ايف سي ۽ بي آءِ ايس پي کي ڇيڙڻ کان سواءِ مالياتي معاهدي تي اتفاق

اسلام آباد:  (ن) ليگ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت جي وچ ۾ ملڪ ۾ وسيلن جي ورهاست جي فريم ورڪ تي مفاهمت طئي ٿي وئي آهي پر انهي ۾ قومي مالياتي ڪميشن(اين ايف سي) ايوارڊ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام(بي آءِ ايس پي) کي باضابطه طور تي ناهي ڇيڙيو ويو.

ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين کان آگاهه هڪ باخبر ذريعي ٻڌايو ته ٻئي ڌريون انهي ڳالهه تي متفق ٿيون آهن ته اين ايف سي ايوارڊ جي فارمولي ۽ بي آءِ ايس پي جي ڍانچي کي برقرار رکيو ويندو. انهي فيصلي کي مرڪز جي مالي پريشانين جي حل ۽ موجوده سماجي تحفظ ۽ وسيلن جي ورهاست جي نظام جي تسلسل کي برقرار رکڻ جي ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي پر گڏيل نئين انتظام جي تحت صوبا گڏجي 10 کرب روپين کان وڌيڪ مالي وسيلا وفاق کي ڏيندا انهي جا تفصيل ٽيڪنيڪي ڪميٽيون طئي ڪنديون.

ذريعن موجب اها مفاهمت اسلام آباد کي پيش ايندڙ مالي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ سمجهوتو آهي ته جيئن اين ايف سي ايوارڊ جهڙي سياسي طور تي حساس معاملي کي باضابطه طور تي ٻيهر نه کوليو وڃي جيڪا وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ٽيڪس آمدني جي ورهاست جو تعين ڪرڻ آهي.

مالي سال 27-2026 جي بجيٽ جي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ  ۾ دير جو هڪ سبب پيپلز پارٽي طرفان اين ايف سي ۽ بي آءِ ايس پي کي نه ڇيڙڻ جو اصرار ٻڌايو پيو وڃي. ڪجهه بااثر حلقن ۾ 18هين آئيني ترميم کان پوءِ صوبن کي ڏنل اين ايف سي حصي تي بيچيني پکڙيل آهي. اهو موقف سامهون ايندو رهيو آهي ته انهي فارمولي جي تحت صوبن کي انهي جي فنڊز خرچ ڪرڻ جي طاقت کان وڌيڪ وسيلا ملي رهيا آهن. جڏهن ته مرڪز وٽ محدود مالي گنجائش رهجي وئي آهي. انهي بنياد تي هڪ نئين اين ايف سي ايوارڊ جو مطالبو به سامهون ايندو رهيو. پر سنڌ انهي جي سخت مخالفت ڪندو رهيو آهي.

مرڪز جي مالي پريشانين کي نظر ۾ رکندي بي آءِ ايس پي کي صوبن جي حوالي ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آئي پر انهي معاملي ۾ به پيپلز پارٽي سڀني کان وڏي مخالف رهي.

سامهون ايندڙ رپورٽن موجب موجوده نظام ۾ هڪ اهم ڀائيوار سمجهي ويندڙ پيپلز پارٽي گڏيل ايڊجسٽمينٽ مڪينزم تي راضي ٿي وئي آهي پر ضروري ناهي ته اهو سڌو سنئون اين ايف سي حصي ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ هجي

ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي نمائندن(ن) ليگ کي ٻڌايو ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ بي آءِ ايس پي جهڙا معاملا پيپلز پارٽي لاءِ سياسي طور تي انتهائي اهم آهن انهي ڪري انهن کي برقرار رکيو وڃي جڏهن ته گهربل مالي ايڊجسٽمينٽ ٻين ذريعن کان ڪئي وڃي. بي آءِ ايس پي کي اختيارن ۽ فنڊنگ ٻنهي جي حوالي سان محفوظ رکيو ويندو. جيڪو سماجي بهبود جي پروگرامن بابت پارٽي جي پراڻي  موقف جي عڪاسي ڪري ٿو.

ٻڌايو پيو وڃي ته(ن) ليگ پيپلز پارٽي کي انهي ڳالهه تي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي ته موجوده معاشي حالتن ۾ صوبن کي مرڪز تي مالي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۽ وفاق، صوبن جي وچ ۾ هم آهنگي بهتر بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

تبصرے بند ہیں۔