مري ايڪسپريس وي تي سياحن جي گاڏي حادثي جو شڪار، 10 ڄڻا فوت، 13 زخمي

مري:  مري ۾ سياحن جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 10 سياح فوت ٿي ويا جڏهن ته 13 زخمي ٿي پيا آهن.

ريسڪيو اختيارين موجب گاڏي تيز رفتاري سبب پاسي ۾ ڀت سان ٽڪرائجي وئي، جنهن کان پوءِ گاڏي جي انجڻ ۾ باهه لڳي وئي. سلائڊنگ دروازو به لاڪ ٿي ويو، جنهن سبب اندر موجود ماڻهو نڪري نه سگهيا. حادثي ۾ 10 سياح فوت ۽ 13 زخمي ٿيا، جن کي فوري طور فاروق اسپتال ۽ پمز منتقل ڪيو ويو.

موٽروي پوليس جي ترجمان موجب حادثي جو شڪار ٿيندڙ سمورا ماڻهو هڪ ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا، جيڪي ملتان کان مري طرف وڃي رهيا هئا. وين اوور اسپيڊ هجڻ سبب پاسي ۾ موجود ڀت سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب گاڏي جي انچڻ ۾ باهه لڳي وئي. وين ۾ اڪثريت ٻارن جي هئي، جن جو تعداد لڳ ڀڳ 10 هو. گاڏي ان هنڌ تي ڪري جتان دروازا کولڻ ممڪن نه رهيو. واقعي جي اطلاع ملڻ تي موٽروي پوليس ۽ مري انتظاميه وڏي نفري سان پهچي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو. حادثي جي جاچ به شروع ڪئي وئي آهي.

ڊپٽي ڪمشنر مري موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، ڪيترن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ۽ واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔

 

تبصرے بند ہیں۔