سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران زڪوات جا فنڊ جاري ڪرڻ تي پابندي لاڳو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، گذارا الائونس سميت زڪوات جي رقم جاري ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، زڪوات ۽ ٻين الائونس جي مد ۾ جاري ٿيل رقم جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته گذارا الائونس، عيد پيڪيج، ميرج الائونس ۽ ديني مدرسن کي فنڊ ڏيڻ بابت ميڪنزم ناقص آهي، لڳي ٿو يتيم ماڻهن جا اربين رپيا سياسي ماڻهو کائي ويندا آهن، عدالت سيڪريٽري زڪوات سان مخاطب ٿيندي چيو ته سيڪريٽري صاحب! 2 هفتن جو ٽائيم ڏئي رهيا آهيون، سنڌ جي سمورن ضلعن جو رڪارڊ پيش ڪريو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ بينڪ جي صوبائي صدر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، زڪوات کاتي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته اسان وٽ هڪ لک مستحق رجسٽرڊ آهن، جن کي هر سال 12 هزار رپيا ڏنا ويندا آهن، عدالت چيو ته گذارا الائونس بدران ماڻهن لاءِ روزگار اسڪيم ڇو نه پيا ڏيو، عدالت سنڌ جَي سمورن ضلعن ۾ ورهايل رقم جا تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔