سکر ميونسپل ملازمن کي عيد کان اڳ پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪم

سکر: سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ميونسپل ملازمن کي عيد کان اڳ پگھارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس فھيم احمد صديقي ميونسپل وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته لاڳاپيل اختيارين کي پگھارن تي اعتراض ناھي ته ملازمن جون پگھارون ڇو بند آھن؟ ملازمن کي بند ڪيل 6 مھينن جون پگھارون جاري ڪيون وڃن، واضح رهي ته ميونسپل ڪارپوريشن 266 ملازمن جون پگھارون بند ڪيون ھيون، احتساب عدالت 266 ملازمن جي جعلي ڀرتي ڪيس ۾ اڳوڻن ميونسپل آفيسرن کي سزا ٻڌائي ھئي، اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ڪمشنر عدالتي فيصلي کان پوءِ ملازمن جون پگھارون بند ڪيون، ملازمن پگھارن جي حاصلات لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ھئي، عدالت پاران عيد کان اڳ پگھارون ڏيڻ واري حڪم کان پوءِ ملازمن ۾ خوشي وار لھر ڇانئجي وئي، ملازم خوشيءَ ۾ ھڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي ملندا رھيا..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔