ناڪام پي ڊي ايم هاڻ ٽي ايل پي جي معاملي تي سياست ڪرڻ چاهي ٿي: شهباز گل

اسلام آباد:  شهباز گل چيو آهي ته ناڪام پي ڊي ايم هاڻ ٽي ايل پي جي معاملي تي سياست ڪرڻ چاهي ٿي.

نااهل ليگ هاڻ هر طرف کان ناڪامي کان پوءِ اهڙين حالتن جي ڳولا ۾ آهي جنهن ۾ هنن جي پوئتي پيل سياست چمڪي سگهي. رپورٽ موجب حڪومتي ترجمان شهباز گل شاهد خاقان عباسي جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته ملڪي سلامتي جي هر حساس مسئلي تي ڪرندڙ سياست ڪرڻ  هنن جو پراڻو طريقو آهي.

نااهل ليگ اهڙي نازڪ حالتن تي به پنهنجي گندي سياست ڪوڙ ۽ پروپيگنڊه ۾ مصروف آهي. توهين رسالت جي خلاف عالمي سطح تي عمران خان آواز اٿاري.

ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن تي واضح ڪري چڪو آهي ته گستاخ رسول صه ۽ توهين رسالت کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. عمران خان هر فورم تي عظمت رسول صه ۽ حُبِ نبي صه جي بهترين ترجماني ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔