وزيراعظم عمران خان ڀارت پاران پاڪستان خلاف ڪيل پروپيگينڊه جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان قوم کي پنهنجي خطاب ۾ ڀارت پاران پاڪستان خلاف ڪيل پروپيگنڊه جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا .

وزيراعظم عمران خان ٻڌايو ته 70 سيڪڙو ڪوڙن اڪائونٽن ذريعي لڳ ڀڳ 4 لک ٽوئيٽ  ۽ 380 واٽس ايپ گروپ تان پاڪستان خلاف ڪوڙيون خبرون ڀارتي ويب سائٽس ۽ يوزرز پکيڙيندا رهيا .

وزيراعظم جو چوڻ هو ته اهي ڪوڙيون خبرون ميڊيا جي ٻين ذريعن وسيلي به پکيڙيون ويون .

هن ٻڌايو ته 16 اپريل تي انڊيا ۾ هڪ ٽوئيٽر ٽرينڊ به وائرل ٿيو سول وار ان پاڪستان جي نالي سان ، جنهن ۾ ڪل 10 هزار 318 ٽوئيٽ پوسٽ ڪيا ويا ،1396 ٽوئيٽ ڪيا ويا جڏهن ته 8922 ري ٽوئيٽ ٿيا .

ان کان اڳ اِي يو ڊسنفو ليب 2019 به پاڪستان خلاف ڀارت جي ڊجيٽل پروپيگنڊه کي پڌرو ڪيو هو ۽ 65 ملڪن ۾ پاڪستان کي گهٽ ڏيکارڻ لاءِ ڀارت پاران قائم ڪيل ڪوڙن ميڊيا هائوسز وسيلي پروپيگنڊه کي به پڌرو ڪيو ويو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔