ڪي پي ڪي جي اڳوڻي آءِ جي ناصر دراني جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

پشاور: خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي آءِ جي ناصر دراني جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. ناصر دراني جي جنازي  نماز ۾ پنجاب جي گورنر ۽ آءِ جي سميت پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻو آءِ جي خيبرپختونخواهه ناصر دراني عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو هو. ايم ايس ميو اسپتال ڊاڪٽر افتخار موجب ناصر دراني گذريل 10 ڏينهن کان ميو اسپتال ۾  علاج هيٺ هو ۽ گذريل هڪ هفتي کان طبيعت خراب ٿيڻ سبب وينٽي ليٽر تي هو. هن ٻڌايو ته ناصر دراني ڦڦڙن ۾ انفيڪشن ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف سبب سخت بيمار هو.

ياد رهي ته ناصر دراني خيبرپختونخواهه پوليس سربراهه جي حيثيت سان فرض انجام ڏئي رهيو هو. هن صوبائي پوليس کي غير سياسي بنائن ۽ ان ۾ اصلاحون آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي جنهن  سبب کيس پنجاب  پوليس ۾ بهتري آڻڻ جي ذميواري ڏني وئي هئي.

ناصر دراني کي صوبائي  گهرو وزير جي صلاحڪار ۽ وڏي وزير جي خاص مددگار جو عهدو سنڀالڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي پر هن سياسي عهدو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔