ڪورونا ۾ واڌ: نئين دهلي ۾ مڪمل لاڪ ڊائون، اسپتالن ۾ مريضن جي گنجائش ختم

نئين دهلي: ڀارت جي گادي واري شهر نئين دهلي ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ کان پوءِ 26 اپريل تائين مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.ميڊيا جي رپورٽن موجب دهلي ۾ انفڪيشن جي شرح وڌي تقريبن 30 سيڪڙو ٿي وئي آهي ۽ دهلي جي اسپتالن ۾ بيڊ ۽ آءِ سي يو جي وڏي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. دهلي حڪومت جي سڀني کان وڏي اسپتال ۾ نه ته عام بسترو ۽ نه ئي آءِ سي يو بستر خالي آهي.ڪورونا جا مريض سمورين اسپتالن ۾ بيٺل آهن. اهڙي صورتحال ۾ دهلي جي وڏي وزير اروند ڪيجريوال سومر تي ليفٽيننٽ گورنر انيل بيجل سان ملاقات ۾ مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.لاڪ ڊائون جي دوران نئين دهلي ۾ سموريون مارڪيٽون بند رهنديون ۽ هوٽلن ۾ ويهڻ جي اجازت نه هوندي. جڏهن ته ريلوي اسٽيشن، بس اسٽيشن، هوائي اڏن جي لاءِ مسافرن کي ٽڪيٽ ڏيکارڻ لازمي هوندي. حڪومت جو چوڻ آهي ته ان دوران بنا ڪنهن ضروري ڪم جي ٻاهر نڪرندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.آچر تي اروند ڪيجريوال چيو ته دهلي جي اسپتالن ۾ 100 جي ويجهو بستر باقي آهن. پر اسپتالن کان علاوه رياستي حڪومت جي طرفان بينڪويٽ هال ۽ اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ بسترن جو به انتظام ڪيو ويو. آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔