خبردار!: واٽس ايپ اسٽيٽس جي خرابي هيڪرز کي ٽريڪ جي اجازت ڏئي سگهي ٿي

لنڊن: واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙي خرابي سامهون آئي آهي جنهن جي ذريعي سائبر ڪرمنلز يا هيڪرز اسٽيٽس ٽريڪر فيچر جو استعمال ڪندي آن لائن صارفين کي ٽريڪ ڪري سگهن ٿا.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سائبر سيڪيورٽي فرم ٽريسڊ ڪيترين ئي ويب سروسز سميت ڪيترائي اهڙا اينڊرائڊ ۽ آءِ فون هٿ ڪيا آهن جيڪي هيڪرز کي صارف جي واٽس ايپ تي ايڪٽو ٿيڻ تي آگاهه ڪندا آهن جنهن جي ذريعي ٿرڊ پارٽي صارف جي رضامندي کان سواءِ ان جي اسٽيٽس کي مانيٽر ڪري سگهي ٿي.ڪمپني طرفان جاري ڪيل هڪ بلاگ پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته اوهان ڪوبه موبائل نمبر لکي سگهو ٿا ۽ جيڪڏهن اهو شخص واٽس ايپ استعمال ڪندو آهي ته اسٽيٽيس ٽريڪر(فيچر) صارف جو واٽس ايپ استعمال ڪرڻ جو صحيح وقت ۽ تاريخ فراهم ڪندو.ٽريسڊ انڪشاف ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهڙيون ايپس ان لاءِ متعارف ڪرايون وينديون آهن ته صارف ڪڏهن آن لائن ٿيندو آهي. پر سائبر ڪرمنل ان ايپ جو غلط فائدو کڻي سگهن ٿا. ٻين خصوصيتن جي ابتڙ واٽس ايپ طرفان ان فيچر کي غير فعال ڪرڻ جي حوالي سان اڃان تائين ڪوبه قدم نه کنيو ويو آهي جيڪو صارف جي آن لائن اسٽيٽس کي ظاهر ڪندي سائبر حملي آورن کي حملي جو موقعو ڏئي سگهي ٿو.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪجهه اسٽيٽس ٽريڪر اهڙا به هٿ آيا آهن جيڪي گڏ ئي ٻه واٽس ايپ نمبر لکڻ جو آپشن ڏيندا آهن جنهن سان اهو تصور ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي ته آيا ٻئي صارف ڪنهن خاص وقت تي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔