ڪين وليمسن ۽ ڊيوڊ وارنر به روزو رکڻ لڳا

لاهور: ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ۽ آسٽريليا جو ڊيوڊ وارنر به روزا رکڻ لڳا.
سن رائزرز حيدرآباد جي اسڪواڊ ۾ شامل مسلمان ڪرڪيٽرز راشد خان، مجيب الرحمان، محمد نبي ۽ خليل احمد آءِ پي ايل دوران به باقاعده سان روزا رکي رهيا آهن، گڏ ساٿي رانديگر ڪين وليمسن ۽ ڊيوڊ وارنر به هنن سان گڏ روزو رکيو ۽ افطار به ڪيو.
راشد خان افطاري جي موقعي تي ٻنهي ڪرڪيٽرز سان گفتگو به ڪئي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا ٿي شيئر ڪئي، ڊيوڊ وارنر چيو ته سٺو محسوس ڪري رهيا آهيون پر اڃ ۽ بک ته ڏاڍي لڳي آهي، گلو به خشڪ پيو ٿئي، هي تمام گهڻو مشڪل ڪم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔