قومي ٽيم زمبابوي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي

هراري : زمبابوي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم هراري ۾ ٽريننگ جي شروعات ڪري ڇڏي.
ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 21 اپريل تي کيڏي ويندي، جنهن لاءِ قومي اسڪواڊ ڀرپور تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
قومي ٽيم جي رانديگرن هراري ۾ فزيڪل ٽريننگ سان گڏ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس به ڪئي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ 23، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ 25 اپريل تي کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔