بجيٽ جي تياري شروع، جلد ترجيحن جو اعلان ڪندس: شوڪت ترين

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون. صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي شوڪت ترين چيو ته اڄ ناڻي واري وزارت ۾ پهريون ڏينهن آهي ۽ 11 سالن کانپوءِ ناڻي واري وزارت ۾ آيو آهيان، مون کي ناهي خبر ته هتي ڇا ٿي رهيو هو.هن چيو ته تمام جلد پنهنجي ترجيحن جو اعلان ڪندس، ايندڙ بجيٽ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، بجيٽ تي ناڻي واري وزارت کان بريفنگ ورتي وئي آهي، ان کانسواءِ 2 ڪلاڪن دوران معاشي معاملن تي بريفنگ ورتي وئي. سندس چوڻ هو ته معيشت جي بهتري لاءِ گهڻا منصوبا آهن، ميڊيا کي ترجيحن کان آگاهه ڪندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔