حمزا شهباز جي ضمانت خلاف نيب جو سپريم ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو (نيب) ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز جي ضمانت جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو 24 فيبروري جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي ضمانت رد ڪئي وڃي، فيصلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ حقيقتن کي نظرانداز ڪيو. نيب درخواست موجب حمزا شهباز جو ڪيس هارڊ شپ جو نٿو ٺهي، کيس ضمانت ڏيڻ سان نيب انڪوائري ۾ خلل پئجي رهيو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانون جي نظر ۾ برقرار نٿو رکي سگهجي. واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهزا شهباز کي ضمانت ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔