آمريڪا ۾ فائرنگ، اٺ ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

انڊيانا: رياست انڊيانا ۾ هٿياربند جي فائرنگ سان 8 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي رياست انڊيانا ۾ هٿياربند شخص فيڊيڪس جي آفيس کان ٻاهر فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جنهن کانپوءِ جوابدار پنهنجو پاڻ کي به گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي.
انڊيانا پوليس طرفان جاري بيان موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪافي ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔