ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 2.54 ارب ڊالر واڌ

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان چيو آهي ته ملڪ جا ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا 23.22 ارب ڊالر ٿي ويا.
مرڪزي بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب 2 اپريل کان 9 اپريل دوران ملڪي ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 2.54 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي.
اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو ته هن وقت ملڪ ۾ مجموعي ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا 23 ارب 22 ڪروڙ ڊالر آهن، جن مان اسٽيٽ بئنڪ وٽ 16 ارب 10 ڪروڙ، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن وٽ 7 ارب 11 ڪروڙ ڊالر آهن.
مرڪزي بئنڪ موجب 2 کان 9 اپريل دوران اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ 2.57 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جي ذخيرن ۾ 3.83 ڪروڙ ڊالرن جي گهٽتائي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔