اداڪاره ساره خان جي طبيعت خراب، اسپتال داخل

اداڪاره ساره خان جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.
گذريل ڏينهن انسٽاگرام اسٽوري تي اداڪاره جي مڙس ۽ گلوڪار فلڪ شير پاران ساره خان جي تصوير شئير ڪئي وئي جنهن ۾ هن کي اسپتال جي بيڊ تي ليٽيل ڏسي سگهجي ٿو.
گلوڪار فلڪ شير اسٽوري جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته ساره جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي.
البته اهو واضح ناهي ٿيو ته ادڪاره کي ڇا ٿيو آهي ۽ کيس ڪهڙي سبب جي ڪري اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ساره ۽ فلڪ پاران انسٽاگرام پوسٽ ذريعي مداحن کي اطلاع ڏنو ويو هو ته هن وقت هو استنبول ۾ آهن جتي ڪورونا سبب لڳايل ڪرفيو جي ڪري هو ٻئي ڄڻا ڦاسي پيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔