آمريڪا طرفان روس مٿان پابنديون هڻڻ جو امڪان

واشنگٽن: آمريڪي صدر جوبائيڊن انتظاميا طرفان روس تي نيون پابنديون هڻڻ جو امڪان آهي جنهن جو اعلان اڄ ڪيو ويندو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا ۾ سائبر حملن ۽ ۽ چونڊن ۾ مداخلت تي جوبائيڊن انتظاميا پاران روس تي وڌيڪ پابنديون هڻي سگهجن ٿيون جنهن جو اعلان اڄ ڪنهن به وقت ڪيو ويندو، ان فهرست ۾ 20 روسي ادارن سميت 12 روسي ۽ ڳجهي ايجنسي جا اهلڪار شامل آهن.
ياد رهي ته آمريڪي انٽيليجينس رپورٽ ۾ چيو ويو ويو هو ته 2020 جي چونڊن ۾ روس جي صدر پيوٽن سان گڏ ايران به چونڊ عمل تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، رپورٽ منظر عام تي اچڻ بعد آمريڪا جي صدر جوبائيڊن چيو هو ته روسي صدر پيوٽن کي 2020 جي آمريڪي چونڊن ۾ مداخلت جي قيمت ڀرڻي پوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔