افغانستان مان نڪرڻ لاءِ جوبائيڊن پاڙيسري ملڪن کان مدد گهري ورتي

واشنگٽن:آمريڪي صدر جوبائيڊن افغانستان مان نڪرڻ جو منصوبو پيش ڪندي خطي جي ملڪن خاص ڪري پاڪستان کان سهڪار جي طلب ڪئي آهي.
ان نئين منصوبي تحت 2 هزار 500 فوجي آمريڪي ۽ 7 هزار نيٽو اتحاد جا فوجي افغانستان کي ڇڏيندا.
هي منصوبو پهرين مئي کان شروع ٿي 11 سيپٽمبر تي ختم ٿيندو جو آڪٽوبر 221 ۾ آمريڪي حملي کي 20 سال پورا ٿيڻ جو ڏينهن هوندو جنهن ڪري آمريڪا افغانستان ۾ جنگ شروع ڪئي هئي.
هن چيو ته اسان خطي جي ٻين ملڪن خاص ڪري پاڪستان، روس، چين، ڀارت، ترڪي کي وڌ کان وڌ مدد جو چوندو ڇو ته مستحڪم افغانستان ۾ هنن سڀني جا مفاد آهن.
ان کان اڳ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان ٽيليفونڪ گفتگو ۾ چيو هو ته پاڪستان سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي اتفاق راءِ جي بنياد تي افغانين جي قيادت هيٺ امن عمل جي هميشه حمايت ڪندو.
اسلام آباد کان جاري پڌرائي موجب سيڪريٽري انٽوني بلنڪن خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مستقل ڪوششن جو اعتراف ڪيو هو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جو واعدو ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔