وفاقي ڪابينا تحريڪ لبيڪ تي پابندي مڙهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا تحريڪ لبيڪ تي پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ذريعن موجب پنجاب حڪومت مذهبي تنظيم تي پابندي مڙهڻ جي سفارش ڪئي هئي، جنهن جي سمري گهرو وزارت طرفان وزيراعظم کي موڪلي وئي هئي، ذريعن موجب تحريڪ لبيڪ تي پابندي لاءِ وفاقي ڪابينا مان منظوري سرڪيوليشن سمري جي ذريعي ورتي وئي ۽ دهشتگردي ايڪٽ تحت تنظيم تي پابندي مڙهڻ جي منظوري ڏني وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سمري جي منظوري بعد تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي جو ڊڪليريشن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ وفاقي حڪومت پابندي جو ڊڪليريشن سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اليڪشن ڪميشن تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي ڊي نوٽيفاءِ ڪندو، ذريعن موجب گهرو وزارت سمري دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي رول 11 بي تحت تيار ڪئي، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997 جي شق 11 بي وفاقي حڪومت کي ڪنهن به تنظيم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اختيار ڏيئي ٿي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔