ڪمزرو ماڻهو جيتري به چوري ڪري لنڊن ۾ فليٽ نٿو خريد ڪري سگهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قانون جي بالادستي جي جدوجهد مشڪل آهي پر کٽينداسين، ڇو ته طاقتور کي قانون جي هيٺان آڻڻ تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.رحمت اللعالمين اسڪالر شپ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعليم جي بغير ڪا به قوم مٿي نٿي وڃي سگهي، اسڪالر شپ پروگرام ۾ وفاقي حڪومت تعاون ڪري رهي آهي ۽ وفاقي حڪومت هر سال 5.5 ارب روپيا 70 هزار اسڪالرشپ تي خرچ ڪندي. وزيراعظم چيو آهي ته قانون جي بالادستي نه ٿيڻ جو مطلب آهي طاقتور قانوني جي مٿان هوندو آهي، قانوني جي بالادستي نه ٿيڻ جو مطلب آهي صرف غريب ماڻهو جيلن ۾ ويندا آهن، طاقتور کي قانون جي هيٺان آڻڻ تائين ڪا به قوم عظيم نٿي بڻجي سگهجي، ڪمزرو ماڻهو جيتري به چوري ڪري لنڊن ۾ فليٽ نٿو خريد ڪري سگهي، پر طاقتور ۽ وڏن ڌاڙيلن جي چوراربين روپين ۾ ٿيندي آهي، طاقتور ۽ وڏي ڌاڙيل کي پيسو ملڪ مان ٻاهر کڻي وڃڻو پوي ٿو، ڇو ته اهي پيسا ملڪ ۾ نظر اچي ٿو وڃي، عمران خان وڌيڪ چيو آهي ته مني لانڊرنگ به ڪرنسي تي به اثر وجهي ٿو، هر سال غريب ملڪن مان هڪ هزار ارب ڊالر ٽيڪس هيونز ۽ امير ملڪن ۾ وڃي ٿو، غريب ملڪن مان امير ماڻهو پيسا ملڪ مان ٻاهر کڻي وڃن ٿا، غريب نه.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔