ڪرونا شرح کي هيٺ نه آئي ته صورتحال سنگين ٿي ويندي: فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته 2 هفتن ۾ ڪورونا جي شرح کي هيٺ نه آڻي سگهياسين ته صورتحال سنگين ٿي ويندي. وفاقي ڪابينا اجلاس کان پوءِ اسلام آباد ۾ بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته ڪورونا جي ٽين لهر پهرين کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجرز (ايس او پيز) تي عمل نه ٿيو ته ڪورونا تيزي سان پکڙجي سگهي ٿو. سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته جيڪڏهن صورتحال 2 هفتن ۾ بهتر ۾ نه ٿي ته ان جي نتيجي ۾ عيد جي شاپنگ ۽ عيد جي ڏينهن ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجندو. فواد چوڌري چيو ته هاڻ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تيزي سان خراب رهي آهي ۽ ملڪ ۾ انتهائي نگهداشت يونٽ (آءِ سي يوز) ۾ مريضن جو انگ وڌي ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن 2 هفتن ۾ ڪورونا جي ڪيسن جي شرح کي هيٺ نه آڻي سگهياسين ته بدقسمتي سان صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي ويندي ۽ خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ان مان وڌيڪ متاثر ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔