جهانگير ترين جي حامين جو شفاف ٽرائل لاءِ وزيراعظم کي خط

اسلام آباد: تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين جي حامي ميمبرن وزيراعظم نالي خط لکي ڪيس ۾ غير جانبدار ٽيم ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب جهانگير ترين جي حامي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم نالي خط لکيو آهي ته جهانگير ترين جو نالو ۽ ساک متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ميمبرن موجب مخالف هڪ منصوبي تحت جهانگير ترين جي ساک کي نقصان پهچائي رهيا آهن، اسان سمجهون ٿا ته جهانگير ترين جا مخالف وزيراعظم کي گمراهه ڪري رهيا آهن، ڪنهن جي خلاف ناهيون پر شفاف ٽرائل جو مطالبو ٿا ڪيون. ذريعن موجب خط تي راجا رياض، خواجا شيراز، سميع الحسن، رياض مزاري، مبين عالم اعواڻ ۽ جاويد وڙائچ سميت 19 ميمبرن جون صحيحون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔