وزيراعظم پاران رمضان دوران عام واهپي جي ضرورت وارين شين جي سخت نگراني جي هدايت

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان هدايت ڏني ته رمضان المبارڪ ۾ ضرورت جي شين جي موجودگي ۽ اگهن جي سخت نگراني ڪئي وڃي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ رمضان المبارڪ کي نظر ۾ رکندي ضرورت جي شين جي موجودگي ۽ اگهن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير محمد حماد اظهر، سيد فخر امام، عمر ايوب خان، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ڊاڪٽر شهباز گل، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽريز، ايف بي آر جي چيئرمين، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ مينجنگ ڊائريڪٽر يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن شريڪ ٿيا جڏهن ته ويڊيو لنڪ سان صوبائي چيف سيڪريٽري شريڪ ٿيا. مينجنگ ڊائريڪٽر يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن اجلاس کي آگاهه ڪيو ته 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 800 رپيا، کنڊ 68 رپيا في ڪلو ۽ گيهه 170 رپيا في ڪلو سڄي ملڪ جي يوٽيلٽي اسٽورز تي موجود آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت يوٽيلٽي اسٽورن تان روزاني 2600 ٽن اٽو، 2000 ٽن کنڊ ۽ 1200 ٽن گيهه وڪرو ٿي رهيو آهي. چيف ڪمشنر اسلام آباد آگاهه ڪيو ته اسلام آباد ۾ ڪجهه ماڳن تي سستيون بازارون قائم ڪيون ويون جنهن ۾ ضرورت جون شيون گهٽ اگهن تي موجود آهن. ان کان سواءِ ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي موبائل وين جي ذريعي به ضرورت جون شيون موجود هونديون. وزير اعظم هدايت ڏني ته رمضان المبارڪ ۾ ضرورت جي شين جي موجودگي ۽ اگهن جي سخت نگراني ڪئي وڃي جيئن غريب طبقي کي ڪنهن ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي، رمضان المبارڪ ۾ ناجائز منافي خورن ۽ ذخيري اندوزي جي خلاف قانوني ڪارروائي جاري رکي وڃي. وزير اعظم اِها به هدايت ڏني ته رمضان بازارن ۾ ڪورونا وبا لاڳاپيل ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔