وائيس آف سنڌ پاران سنڌ جي تاريخ جي پس منظر بابت داستان گوئي جي محفل

ڪراچي: وائيس آف سنڌ جي پليٽ فارم تان اقرا يونيورسٽي جي اولڊ بلدنگ جي لان ۾ سنڌ جي تاريخي پس منظر کي داستان جي صورت ڏيندڙ ناليواري ليکڪ اقبال خورشيد جي داستان کي ناليواري داستان گو فواد خان ۽ ميثم نقوي پنهنجي روايتي انداز ۾ پيش ڪري تقريب ۾ ويٺلن کان بي انتها داد وصول ڪيو .

 داستان گوئي جي تقريب وائيس آف سنڌ پاران ڪوٺائي وئي جنهن جو روحِ روان پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عمير هارون هو ، داستان گو فواد خان ۽ ميثم نقوي ، اقبال خورشيد جي لکيل نهايت ئي خوبصورت ۽ جاندار اسڪريٽ ۾ پنهنجي منفرد انداز ۽ لهجي سان ڀرپور جان وڌي ، جنهن تقريب ۾ ويٺلن کان واهه واهه ڪرائي ڇڏي .

داستان ۾ سنڌ جي اوائلي دور کان موجوده دور جي حالتن ۽ تبديلين کي نهايت ئي سهڻي انداز ۾ نه رڳو بيان ڪيو ويو آهي پر هن داستان ۾ سنڌ جي مٽي ۽ ان جي مانَ جي اهميت کي به اجاگر ڪيو ويو.

داستان ۾ سنڌ ڌرتي ، سنڌو درياءَ ۽ هتان جي جوڌن ۽ سنڌ مٿان سِرُ ڏيندڙ سرواڻن جو به وڏي شان ۽ مان َ سان ذڪر ڪيو ويو.

داستان گوئي جي اها تقريب مغرب جي نماز کان پوءِ شروع ٿي جنهن ۾ اردو ۽ سنڌي ٻولي جي ناليوارن ليکڪن ، شاعرن ، اديبن ، صحافين ۽ ساڃاهه وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري هن تقريب جو مزو ورتو.

محفل جي پڄاڻي تي وائيس آف سنڌ پاران آيل مهمانن جي مانَ ۾ رات جي ماني رکي وئي هئي، ان موقعي تي وائيس آف سنڌ جي ٽيم مهمانن جي ڀرپور خدمت ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔