ڪورونا وبا، ترقي پذير ملڪن لاءِ هنگامي مالياتي ريليف فراهم ڪيو وڃي: وزير اعظم

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس مان متاثر ترقي پذير ملڪن جي لاءِ هنگامي مالياتي ريليف فراهم ڪيو وڃي. وزير اعظم عمران خان اڪنامڪ اينڊ سوشل ڪونسل فورم کي خطاب ڪندي چيو ته فورم جو افتتاحي خطاب منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي، پاڪستان ڪورونا دوران اسمارٽ لاڪ ڊائون واري پاليسي اختيار ڪئي ۽ هاڻ پاڪستان ڪورونا وبا جي ٽين لهر جو مقابلو ڪري رهيو آهي. عمران خان چيو ته ڪورونا وبا مان متاثر ترقي پذير ملڪن جي لاءِ هنگامي مالياتي ريليف فراهم ڪيو وڃي ڇو ته آءِ ايم ايف، عالمي مالياتي بينڪ ترقي پذير ملڪن جي مدد لاءِ مناسب فنڊ رکن ٿيون، وبا جي خاتمي لاءِ ويڪسينيشن جي عمل به ترقي پذير ملڪن جي مدد ڪئي وڃي جڏهن ته ويڪسين بڻائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي فراهم ڪئي وڃي، اميد آهي ته فورم ترقي پذير ملڪن جي سياسي ۽ سماجي حالت سڌارڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته موجوده چيلنج بهتر مستقبل لاءِ بهتر موقعا آهن، پاڪستان ماحولياتي تبديلين تي ضابطو آڻڻ لاءِ 10 ارب وڻ پوکڻ جو منصوبو شروع ڪيو، پاڪستان ماحولياتي تبديلين مان متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔