ٽوڪيو: دنيا جي سڀني کان وڏي عمر واري نوي ساله آفيس مئنيجر عورت

ٽوڪيو: 90 ساله جاپاني عورت کي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ طرفان دنيا جي سڀني کان وڏي عمر واري عورت(آفيس مئنيجر) جو اعزاز ڏنو ويو آهي.دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته عورت هڪ ڊگهي عرصي تائين هن اداري سان لاڳاپيل رهي. باسوڪي ناماڪي گذريل مهيني جي 15 تاريخ تي پنهنجي 91 سالگره ملهائي آهي هو هن ڪمپني ۾ 1956ع کان لاڳاپيل آهي. هان هو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ موجب دنيا جي سڀني کان وڏي عمر واري آفيس مئنيجر آهي. هاڻ به هو هفتي ۾ پنج ڏينهن آفيس ايندي آهي ۽ روزاني ساڍا ست ڪلاڪ پنهنجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندي آهي.عورت موجب هو ڪمپني ۾ قدرتي انداز سان اڳيان وڌندي رهي ۽ ان جا معاملا بهتر طريقي سان هلندا رهيا پر ان جي هڪ ٻئي خاصيت اها آهي ته هو ماڻهن کي هر حالت ۾ مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته مان هن موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار نٿي ڪري سگهان مان هميشه کان اهو ئي سوچيندي رهندي آهيان ته مان ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ پيدا ٿي آهيان. ان کان پوءِ مون ڪوشش ڪئي ته آفيس عملي، مئنيجرن ۽ چيئرمين کي خوش رکي سگهان ۽ منهنجي رهيل زندگي جو مقصد ئي اهو هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ کان سرٽيفڪيٽ وٺڻ وقت ٻڌايو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مان اڃان به رٽائرڊ ٿيڻ نٿي چاهيان ۽ نه ئي منهنجو ان بابت ڪو ارادو نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔